واٽس ايپ ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ اسڪرين شيئرنگ جو فيچر متعارف

ڪيليفورنيا: ميٽا طرفان اينڊرائيڊ ڊوائيسز کانپوءِ واٽس ايپ جي ونڊوز ڪمپيوٽرن لاءِ ڊيسڪ ٽاپ ورجن لاءِ به اسڪرين شيئرنگ جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ونڊوز ڪمپيوٽرن لاءِ واٽس ايپ جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن ۾ اسڪرين شيئرنگ فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي

ان فيچر ذريعي صارفين وڊيو ڪالز دوران پنهنجي اسڪرين ٻين سان شيئر ڪري سگندا.
صارفين پنهنجي مرضي موجب سڄي اسڪرين يا مخصوص حصو دوستن سان شيئر ڪري شگهندو.
اهو فيچر مئي ۾ اينڊرائيڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ هاڻ ان کي ڊيسڪ ٽاپ ورجن تائين هٿي ڏني وئي آهي.
اهو فيچر وڊيو ڪانفرنسنگ پليٽ فارمز جهڙوڪ مائڪرو سافٽ ٽيمز ۽ زوم جيان وڊيو ڪالز دوران اسڪرين شيئرنگ جي سهولت فراهم ڪندو.
ان فيچر سان صارفين ريئل ٽائيم ۾ اهم تفصيل پنهنجن دوستن يا سڃاتلن سان وڊيو ڪالز دوران شيئر ڪري سگھندا.
اسڪرين شيئر ڪندڙ صارفين کي واٽس ايپ تي پنهنجي ڪنهن به ڪانٽيڪٽ کي ڪال ڪرڻي پوندي.
ڪال ملائڻ کان پوءِ اسڪرين شيئر جي آپشن تي ڪِلڪ ڪرڻو پوندو.
عام طور تي اهڙو فيچر آفيس جي معاملن ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو آهي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته اهو فيچر هن وقت رڳو بيٽا ورجن ۾ دستياب آهي ۽ سمورن صارفين لاءِ اهو ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ دستياب هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔