سنڌ ڏانهن وڌندڙ طوفان بائپرجواءِ جو رُخ تبديل

ڪراچي: سنڌ ڏانهن وڌندڙ طوفان بائپرجواءِ جو رُخ تبديل ٿي  ويو آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان هاڻي سنڌ جي ساحلي علائقن کان پري اتر ۽ اتر اوڀر علائقن جو رخ ڪري رهيو آهي

طوفان ڪراچي کان هاڻي 370، ٺٽو کان 355 ۽ ڪيٽي بندر کان 290 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي موجود آهي

موسميات کاتي موجب طوفان گذريل 6 ڪلاڪن دوران پنهنجو رخ تبديل ڪري اتر ۽ اتر اوڀر جو رخ ڪيو آهي

 پي ڊي ايم اي جي سائيڪلون سينٽر موجب طوفان هاڻي سڀاڻي شام جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ واري علائقي مان گذرندو

طوفان جي اثرن سبب ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ۾ طوفاني هوائن سان وسڪارن جو سلسلو اڄ کان 17 جون تائين جاري رهندو

اڄ کان ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ به برسات پوندي ۽ وسڪارن جو سلسلو 16 جون تائين جاري رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔