روس مان ايندڙ تيل عالمي منڊي جي مقابلي ۾ 15 ڊالر سستو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته روس مان ايندڙ تيل عالمي منڊي جي مقابلي ۾ 15 ڊالر سستو  آهي.

راولپنڊي اسلام آباد جي ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ۾ قوم جو وقت ضايع ڪيو. گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو ۽ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو. اسان آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون قبول ڪيون. اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو.

شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جا بند ڪيل ترقياتي منصوبا اڄ مڪمل ٿي رهيا آهن. سائفر امپورٽڊ حڪومت جو ڪوڙ حقيقتن دفن ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چوندو هو ته روس سان لاڳاپن تي آمريڪا  انهن جي حڪومت ختم ڪرائي. روس کان تيل جي خريداري لاءِ معاملا اسنا طئي ڪيا. روس مان ايندڙ تيل عالمي منڊي جي مقابلي ۾ 15 ڊالر سستو آهي.

وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين الزام لڳايا. ڪرپشن جو ڪوبه ثبوت نه ڏنو. جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڪيس ڪوڙا آهن ته عدالت وڃي ۽ پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔