سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي باوجود خطرو برقرار

ڪراچي: سامونڊي طوفان بِپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي باوجود خطرو برقرار، طوفان سنڌ جي ساحلي پٽي ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳو آهي

 طوفان ڪراچي کان 340 ۽ ٺٽي کان 355 ڪلوميٽرز پري موجود، ڪيٽي بندر کان 275 ڪلو ميٽر تي موجود آهي، طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جي رفتار 170 ڪلوميٽرز في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي

 چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي شدت ۾ ڪنهن حد تائين گهٽتائي ٿي آهي، پر خطرو اڃا برقرار آهي، بائِپر جواءِ اُتر اولهه طرف رُخ ڪندو، طوفان 15 جون تي منجهند يا شام جو ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ ۾ ٽڪرائيندو

 طوفان ويجهو اچڻ سان تيز هوائن ۽ برسات جو سلسلو تيز ٿي ويندو، طوفان جي ويجهو اچڻ سان ڪيٽي بندر ۾ سامونڊي پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو چاڙهه، کاروڇاڻ جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، بدين ۾ سامونڊي پاڻي ساحلي وسندين جي ويجهو پهچي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔