شاهه محمود قريشي جي عمران خان سان ٻيهر ملاقات

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ٻيهر ملاقات ٿي آهي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ جيلن ۾ قيد ڪاڪرنن جي آزادي لاءِ  کنيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ياد رهي ته اڱاري جي شام جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ شاهه محمود قريشي عمران خان سان ملاقات ڪئي  هئي جنهن جي حوالي سان اهي خبرون سامهون آيون هيون ته ملاقات رنجشن تي ختم ٿي وئي هئي.

شاهه محمود قريشي جي ملتان مان هڪ انتهائي ويجهي دوست موجب شاهه محمود قريشي پارٽي چيئرمين کي چيو هو ته اوهان وقتي طور تي پوئتي هٽي وڃو. پرڏيهه هليا وڃو جيڪڏهن پرڏيهه نٿا وڃو ته هتي ئي رهو پر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه بند ڪري ڇڏيو. اسان کي معاملا طئي ڪرڻ ڏيو. معافيون وٺڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ته اوهان واپس تحريڪ انصاف کي سنڀالي وٺجو. هن وقت مشڪل وقت آهي جذبات بجاءِ دانشمدانه فيصلن جي ضرورت آهي.

ذريعن موجب اهڙي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔