آمريڪا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ 60 لک ڊالرز امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آمريڪا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ 60 لک ڊالرز کان وڌيڪ جي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر يو ايس ايڊ ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ٻين اختيارين سان گڏ خيرپور جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو.

آمريڪي سفير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ جو سنگين بحران نظر اچي رهيو آهي. 16 لک کان وڌيڪ ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن.

اهڙي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ آمريڪا سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ 60 لک ڊالرز کان وڌيڪ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔