بنگلا ديش ۽ سريلنڪا بهانا پيا ڪن، اسان ته ڌمڪين باوجود ڀارت ۾ کيڏيو: شاهد آفريدي

لاهور : قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريدي چيو آهي ته اسان جي ٽيم ڌمڪين باوجود ڀارت کيڏڻ وئي هئي، يو اي اي ۾ ايشيا ڪپ جي ميچن ۾ رانديگرن جي انجري صرف بهانو آهي شاهد آفريدي هڪ نجي ٽي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلا ديش جي ڪرڪيٽ بورڊن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن اسان سريلنڪا کيڏڻ ويا هياسين ته ان وقت اتان جون حالتون انتهائي خراب هيون جيڪڏهن بنگلاديش اڄ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي ته ان ۾ پاڪستان جو ڪردار آهي

هن چيو ته مودي حڪومت کان اڳ جڏهن پاڪستان ڀارت ڪرڪيٽ کيڏڻ ويندو هو ته بال ٺاڪري طرفان ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون پر اسان جي حڪومت چوندي هئي ته گرين سگنل آهي شاهد آفريدي انٽرويو ۾ اهڙيون ڳالهيون ان وقت ڪيون آهن

جڏهن ڀارت ايشيا ڪپ ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ ٻين بورڊ گرمي جو بهانو ڄاڻائي نه اچڻ جو چيو آهي شاهد آفريدي موسم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ يو اي اي ۾ گرمي جو بهانو ڪري رهيا آهن ۽ رانديگرن جي انجري به بهاني کانسواءِ ڪجهه نه آهي شاهد آفيريدي چيو ته اسان هميشه راند کي راند سمجهو آهي، تڪراررن کي ڪڏهن به ڪارڻ ناهي بڻايو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔