ميئر ٿيس ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪندس: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي نامزد ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن مان ميئر ٿيس ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪندس.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، شهر ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو اسان جا آهن، پ پ صوبي ۽ وفاق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
هن چيو ميئر ٿيس ته پ پ ڪراچي ۾ وڌيڪ ڪم ڪندي، هاڻ اسان کي ڌرڻن، احتجاج، الزامن جي سياست مان نڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته مان ميئر جو اميدوار آهيان ۽ 15 جون تي چونڊ ٿيندي، جيڪڏهن ميئر ٿيس ته شهر جا مسئلا حل ڪندس.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔