بلوچستان سرڪار صوبائي وزير کان وزارت جو قلمدان واپس وٺي ڇڏيو

بلوچستان حڪومت اين اِي سِي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي صوبائي وزير نور محمد دمڙ کان وزارت جو قلمدان واپس وٺي ڇڏيو آهي

  بلوچستان سرڪار سومر ڏينهن قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، بائيڪاٽ باوجود اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو پاران نور محمد دمڙ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 وڏي وزير رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت جو قلمدان واپس وٺي ڇڏيو، وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار بلوچستان سرڪار سان ڪيل ڪو به وعدو پورو نه ڪيو آهي

وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جو چُڻ آهي ته وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ اعلانيل 10 ارب روپيا به اڃا نه ڏنا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔