آئل ٽينڪرز ايسوسيئيشن تيل جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي

لاهور:  آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ تيل جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي آهي.

آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن اسلام آباد کان ڪهوٽه ڏانهن  ويندڙ رستن جي گذريل 4 ڏينهن کان بندش خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مختلف علائقن کي تيل جي سپلاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن چيو آهي ته اڄ کان اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ هوائي اڏن کي تيل جي سپلاءِ بند رهندي.

ايسوسيئيشن طرفان چيو ويو آهي ته روڊ جو معاملو حل ٿيڻ تائين تيل جي سپلاءِ مڪمل طور تي بند رهندي. ضلعي انتظاميه جي غير سنجيدگي سبب احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون.

واضح رهي ته تيل جي سپلاءِ  بند ٿيڻ سبب اسلام آباد ايئرپورٽ سميت ٻيون اهم جڳهيون به متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔