جهانگير ترين سان ڪو تعلق نه آهي، فواد چوڌري مون سان رابطي ۾ رهندو آهي: اسد عمر

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته جهانگير ترين سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي.

اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي اسد عمر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان جهانگير ترين جي پارٽي ۾ شموليت ڪندا؟ ان تي اسد عمر چيو ته منهنجو جهانگير ترين سان ڪوبه تعلق نه آهي.

صحافي طرفان پڇيو ويو ته ڇا جهانگير ترين اوهان سان ڪو رابطو ڪيو آهي؟ ان تي اسد عمر چيو ته نه اڃان تائين جهانگير ترين ڪوبه رابطو نه ڪيو آهي. هن چيو ته جيل مان ايندي 7-8 ڏينهن ٿيا آهن. عدالتن جا چڪر لڳائي رهيو آهيان. فواد چوڌري مون سان رابطي ۾ رهندو آهي.

صحافي اسد عمر کان پڇيو ته فيصل واوڊا ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي؟ ان تي هن جواب ڏنو ته اهو  سوال اوهان فيصل واوڊا کان پڇو.

صحافي طرفان ڪنهن دٻاءُ بابت سوال تي اسد عمر چيو ته دٻاءُ بس اهوئي آهي ته روزاني عدالتن جا چڪر لڳائي رهيو آهيان. جيل مان ايندي هفتو گذريو آهي پر ان دوران 7-8 ڀيرا عدالتن ۾ پيش ٿي چڪو آهيان، ڪڏهن هاءِ ڪورٽ، ڪڏهن سيشن عدالت، ڪڏهن اي ٽي سي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهيان.

هوڏانهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي ترنول ٿاڻي ۾ داخل ٿيل ڪيس ۾ اسد عمر جي عبوري ضمانت ۾ 10 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اسد عمر جي وڪيل بابر اعواڻ جي ملڪ کان ٻاهر هجڻ ۽ پراسيڪيوٽر جي والده جي لاڏاڻي سبب غير حاضري جي ڪري 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔