تحريڪ انصاف 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو اهو پاڪستان جي رياست مٿان حملو هو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين مختلف انٽرويوز ۾ کلي عام، ڄاڻي واڻي غلط ڄاڻ ڏئي رهيو آهي.  9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پاڪستان جي رياست مٿان حملو هو.

شهباز شريف ٽوئيٽ ڪيو ته 9 مئي کان پوءِ جي واقعن کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي احتجاج جي حق کي سلب ڪرڻ جي طور تي ان جي وضاحت گمراهه ڪندڙ آهي ان جو مقصد ملڪ کان ٻاهر راءِ ڏيندڙن سان جوڙ توڙ ۽ انهن تي دٻاءُ وجهڻ آهي.

شهباز شريف چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو پاڪستان جي رياست تي ناپاڪ ارادن سان بزدلاڻو حملو آهي. دنيا جو ڪوبه ملڪ پنهنجي سالميت کي تباهه ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش کي برداشت نه ڪندو.

شهباز شريف چيو ته مان سڀني کي يقين ڏياريان ٿو ته ڏوهارين کي قانون تحت منهن ڏنو ويندو. مان ان ڳالهه کي يقيني بنائيندس ته حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.

وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هر معاملي کي قانون تحت مناسب طريقي سان منهن ڏنو ويندو. پاڪستان انساني حقن بابت پنهنجين سمورين آئيني ۽ عالمي ذميوارين  جو مڪمل احترام ۽ پابند آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔