آئيفا جي ميزبان سلمان خان جي ڪنوار بڻجڻ لاءِ تيار

ابوظهبي: بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان جنهن جي مقبوليت نه رڳو ڀارت ۽ پاڪستان ۾ آهي پر ايشيائي ملڪن سوڌو هالي ووڊ ۾ به آهي جنهن جو اندازو تازو ئي پيش آيل واقعي مان لڳائي سگجي ٿو.
ڀارت جي سڀ کان وڏي ايوارڊز نيشنل انڊين اڪيڊمي (آئيفا) 2023ع جي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران هالي ووڊ کان آيل هڪ عورت سلمان خان کي شاديءَ لاءِ پروپوز ڪري ڇڏيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گھڻي وائرل آهي.
مائيڪ کنيل عورت سلمان کي چيو ته ”آئون هالي کان سڌو اوهان کان اهو سوال ڪرڻ آئي آهيان، جڏهن آئون پهريون ڀيرو اوهان کي ڏٺو هو، آئون اوهان جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي هيس“.
جواب ۾ سلمان خان جلد چيو ته ”اوهان شايد شاهه رخ جي ڳالهه ڪري رهيون آهيو“.
عورت چيو ته ”آئون سلمان خان جي ڳالهه ڪري رهي آهيان، ڇا اوهان مون سان شادي ڪندئو؟
جواب ۾ اداڪار چيو ته ”هاڻ منهنجي شاديءَ جي عمر ناهي رهي“ اوهان کي مون سان 20 سال اڳ مِلڻ گھرجي ها.
ميڊيا رپورٽن موجب اُها عورت علينا خليفا آهي جيڪا بالي ووڊ جي ايڊورٽائزنگ ايجنسي فيم ماسٽر ڪلاس طرفان آئيفا جي ريڊ ڪارپيٽ جي ميزباني ڪري رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔