عورت نوڪري ڇڏي “پگهار” تي والدين جي خدمت ڪرڻ لڳي

بيجنگ: چين ۾ هڪ عورت پنهنجي نوڪري ڇڏي والدين جي گهر ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي آهي، جنهن ۾ اها پنهنجي پيرسن والدين جو خيال رکندي ۽ ان جي بدلي کيس 570 ڊالر ماهوار ملندا

پنهنجي ماءُ پيءُ کان انهن جي خدمت جو ماهوار معاوضو وٺڻ تي ان عورت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، نيانن نالي عورت گذريل 15 سالن کان هڪ خابرو اداري ۾ ڪم ڪري رهي هئي، جتي کيس دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هيو، ان صورتحال ۾ سندس والدين اڳتي وڌي هڪ آڇ ڪئي

والدين نيانن کي چيو ته کيس گهر تي رهڻو پوندو، سودو سود وٺي اچڻو پوندو ۽ کاڌو پچائڻو پوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن والدين سان خوشيءَ ۾ رقص به ڪرڻو پوندو، ان جي بدلي ۾ ماهوار 570 ڊالر رقم سندس والدين ان کي ادا ڪندا، ماهوار ان کي هڪ يا ٻه ڀيرا والدين کي ٻاهر سير تي وٺي وڃڻو پوندو ۽ گاڏي هلائڻي پوندي، والدين چيو ته اها رڳو والدين وٽ ئي رهي ۽ پگهار وٺي

جڏهن ته سٺي نوڪري ملڻ تي اها ڪڏهن به گهر ڇڏي وڃي سگهي ٿي، سندس والدين “ڪل وقتي ڌيءَ” جي نوڪري قرار ڏنو آهي، نيانن جي ان فيصلي تي انٽرنيٽ واهپيدارن گڏيل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي

ڪجهه ماڻهن چيو آهي ته چين ۾ ان کي خراب سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي والدين کي کائڻ سان ڀيٽيو ويندو آهي، هنن فل ٽائم ڌيءَ لفظن تي به تنقيد ڪئي آهي، ٻين چيو آهي ته والدين جي خدمت ڪرڻ گهرجي پر 570 ڊالر رقم تمام وڌيڪ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔