ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻارسمرت ڪمار بازياب

ڪنڌڪوٽ : ڪنڌڪوٽ مان 8 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر سمرت ڪمار بازياب ٿي ويو، نينگر جي بازيابي بعد سندس گهر ۾ خوشي واري لهر پيدا ٿي وئي

 نينگر جي امڙ جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ جي ٿورائتي آهيان، پٽ جي بازيابي تي سڀني کي مبارڪون، سمرت جي والد اجيت ڪمار ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته، ٽائيم نيوز جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون جنهن پٽ جي اغوا واقعي کي ڀرپور ڪوريج ڏني

 ايس ايس پي شڪاپور امجد شيخ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي بعد سمرت کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، نينگر سمرت کي ڀنگوار برادري جي گينگ اغوا ڪيو هو

 ذريعن موجب مغوي نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي ڳجهي ڊيل ذريعي ٿي آهي، پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ بدران نينگر کي ڊيل تحت بازياب ڪرايو

ٻئي پاسي ڪنڌڪوٽ جي ٽن ٻارن جي بازيابي پوليس لاءِ اڃا به چئلنج بڻيل آهي، معصومن جا گهرڀاتي مايوسي جو شڪار بڻيل آهن

ٽن ورهين جو محمد عظيم، 10 ورهين جو واجب علي گولو ۽ ٻن ورهين جي ٻارڙي ڪوثر کوسو  کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آهي

ٻارڙي محمد عظيم ميڻڪ کي رسالدار واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ گهر ٻاهريان اغوا ڪيو ويو هو،10 ورهين جي واجب علي گولو کي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا

معصوم نينگري ڪوثر کوسو کي 5 مهينا اڳ ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تان امڙ نازيا کوسو سميت اغوا ڪيو ويو هو، پوليس پارران ٻارڙن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ڪوششون نه ڪرڻ تيَ هنن جي گهرن ۾ سوڳ وارو ماحول آهي، ٻارڙن سميت 14 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ آهن جن جي بازيابي پوليس لاءِ امتحان بڻيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔