خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، هُن جي سڃاڻپ پريڊ هلي رهي آهي: محسن نقوي

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته خديجه شاهه پوليس جي حراست ۾ آهي، گرفتار ٿيل عورتن سان بدسلوڪي جون خبرون بي بنياد آهن

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 9 مئي تي 32 عورتون گرفتار ٿيون هيون، جن مان 11 جيل ۾ آهن، مائرن ۽ ڀينرن جو تحفظ منهنجي ذميواري آهي

هن جو چوڻ هو ته خديجا شاهه  پوليس جي حراست ۾ آهي، هوءَ جيل ۾ آهي ۽ سندس سڃاڻپ پريڊ ٿي رهي آهي، جناح هائوس تي حملي ۾ ملوث ڪير ڪيڏو به بااثر ڇو نه هجي، کيس بخش نه ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔