تحريڪ انصاف مالي بحران جو شڪار: ملازمن جون پگهارون بند، جاري ڪيل چيڪ بائونس ٿي ويا

راولپنڊي: (ڇنڇر: 27 مئي 2023ع) پاڪستان تحريڪ انصاف مالي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن سبب ملازمن کي پگهارون نه پيون ملن ۽ ان سلسلي ۾ جاري ٿيندڙ چيڪس به بائونس ٿيڻ لڳا آهن.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي عهديدارن طرفان پارٽي ڇڏڻ ۽ عهدن تان استعيفائن کان پوءِ پارٽي کي سخت نقصان پهتو آهي. پارٽي اڳواڻن موجب سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي 9 ريجنل آفيسن ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسن ۾ ملازمن کي پگهارون نه پيون ملن. مُک اڳواڻن جي پارٽي سان تعلقي سبب گذريل 17 ڏينهن ۾ پارٽي اڪائونٽس مان هڪ به چيڪ ڪليئر ناهي ٿي سگهيو.

پارٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ذيلي 15 ونگز جا معاملا هلائيندڙ سوين ملازم ڳڻتي جو شڪار آهن. پارٽي جو ٿنڪ ٽينڪ به ناڪاره ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪو آهي. جڏهن ته پارٽي طرفان شهيدن جي  لاءِ جمع  ٿيندڙ 5 ڊالر کان وڌيڪ رقم به نٿي  ڪڍرائي سگهجي. پارٽي جا  سڄي ملڪ ۾ گڏيل اڪائونٽس آهن جن کي اڪيلو عمران خان آپريٽ ڪرڻ جي اهل نه آهي.

پارٽي  طرفان جاري ڪيل چيڪ جي ڪليئرس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 صحيحون ضروري آهن. اڪيلو عمران خان ان اڪائونٽس کي آپريٽ ڪرڻ جي اهليت نٿو رکي. فنڊز جي کوٽ سبب پارٽي جو سوشل ميڊيا سيل به ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ گرفتارين جي ڊپ ۽ پگهارون نه ملڻ سبب مايوس ملازمن به ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب فنڊز جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي عمران خان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن فنڊز نه ملي سگهيا ته پي ٽي آءِ کي سڄي ملڪ ۾ قائم  ڪيل آفيسن کي بند ڪرڻو پوندو ۽ پارٽي سان جڙيل سوين ملازمن کي به نوڪرين مان فارغ ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔