گلگت بلتستان ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 10 ڄڻا فوت

استور: گلگت بلتستان جي علائقي استور ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

مقامي اختيارين موجب گلگت بلتستان جي ضلعي استور ۾ شونٽر ٽاپ تي برفاني ڇپ ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي به ٿيا. حادثي واري جڳهه  ڏانهن ريسڪيو ٽيمون ۽ ايمبولينسون روانيون ڪيون ويون آهن.

ملبي ۾ دٻيل ماڻهن جي لاءِ استور ۾ ڪنٽرول روم به قائم ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب فوت ٿي ويل ۽ زخمي ماڻهو لاڏائو قبيلي جا هئا ملبي هيٺيان دٻيلن ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد برفاني ڇپ ڪرڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ماڻهن کي هر ممڪن مدد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔