سي ٽي ڊي پنجاب جون ڪارروايون، پابندي مڙهيل تنظيمن جا 12 دهشتگرد گرفتار

لاهور: دهشتگردي جي امڪان کي نظر ۾ رکندي سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائين دوران 12 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي ٿيندڙ آپريشن سرگودها، راولپنڊي، ملتان، بهاوالپور ۽ گوجرانوالا ۾ ڪيا ويا جن مان گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم داعش ۽ ٽي ٽي پي سان آهي.

اختيارين جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان بارودي مواد، خودڪش جيڪيٽ، ڊينونيٽر، هينڊ گرينيڊ، هٿيار گوليون ۽ روڪ رقم هٿ آئي آهي. گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ مير احمد، حبيب الرحمان، هارون ضيا، عمران، مدثر، عديل ۽ فاروق جي نالي سان ٿي آهي.

دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب هلندڙ هفتي 249 ڪومنگ آپريشنز دوران 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. 12112 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب سي ٽي ڊي محفوظ پنجاب جي حدف تي عمل ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردي جي ناسور کي جڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔