شاهه محمود قريشي سميت پي ٽي آءِ جي 9 اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽس منسوخ

اسلام آباد: (ڇنڇر: وفاقي سرڪار شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ ۽ شيخ رشيد سميت پي ٽي آءِ جي 9 سياسي اڳواڻن جا سفارتي پاسپورٽ منسوخ ڪري ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ اينڊ اميگريشن طرفان تحريڪ انصاف جي 9 سياسي اڳواڻن جا ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ منسوخ ۽ غير فعال ڪيا ويا آهن.

جن اڳواڻن جا پاسپورٽ منسوخ ڪيا ويا آهن انهن ۾ عون عباسي، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور، علي محمد خان، فرخ حبيب، زرتاج گل، اعظم خان سواتي ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو به ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ منسوخ ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔