وفاقي سرڪار ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 9 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 9 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 2024-23 جي بجيٽ سلسلي ۾ سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس 2 جون تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس 3 جون تي ٿيندو جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو. جنهن ۾ نئين مالي سال جي لاءِ بجيٽ حدفن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ٻنهي اجلاسن ۾ صوبائي اختياريون به شرڪت ڪنديون. ان دوران نئين بجيٽ جي لاءِ قومي ترقياتي پروگرام جو پڻ جائزو ورتو ويندو.

ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 700 ارب روپيه تجويز ڪيا ويا آهن پر وزيراعظم، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب روپيه وڌائي سگهي ٿو.  بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڪميٽيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔