آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس ٻڌڻي دوران ڪميشن جي قيام کي آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بظاهر وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي حاضرجج خلاف مواد گڏ ڪر مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪميشن جو قيام آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي آهي.
جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 209 ايگزيڪيوٽو کي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن ريفرنس اُماڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو، وفاقي سرڪار آئين ۾ اختيارن جي ورڇ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو جاچ ڪميشن هر ڪم تڪڙ ۾ ڪيو آهي.
جسٽس منيب اختر چيو ته ججز پنهنجي مرضي سان ڪيئن ڪميشن حصو بڻجي سگهن ٿا، مٺا لفظ استعمال ڪري ڪوَر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بظاهر اختيارن جي ورڇ واري آئيني اصول جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، اها پريشان ڪندڙ صورتحال آهي.
عدالتي ڪميشن جي قيام خلاف سپريم ڪورٽ بار سوڌو ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ هلائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔