آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست: حڪومت طرفان بينچ ۾ چيف جسٽس جي موجودگي تي اعتراض

حڪومت آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي لاءِ لاجر بئنچ ۾ چيف جسٽس  جي موجودگي تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي

 سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل 5 رڪمي لارجر بئنچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف عمران خان ۽ ٻين جي درخواستن ٻڌڻي

 سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي اٽارني جنرل روسٽرم تي اچي بئنچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض واريندي چيو ته درخواست آهي ته چيف جسٽس هن بئنچ جو حصو نه بڻجي

چيف جسٽس چيو ته اوهان جو مطلب آهي ته مان بئنچ کان الڳ ٿي وڃان؟ عدليه بنيادي انساني حقن  جي محافظ آهي، اوهان اسان جي انتظامي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪريو،. اسان حڪومت جو مڪمل احترام ڪريون ٿا

چيف جسٽس چيو ته اوهان جي درخواست احترام جوڳي آهي پر چيف جسٽس جو عهدو هڪ آئيني عهدو آهي، مون کي خبر هئي ته اوهان اعتراض اٿاريندا، عدليه وفاقي حڪومت جي ماتحت ناهي ۽ آئين ۾ اختيارن جي تقسيم آهي

 چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪيئن سپريم ڪورٽ جي ججز کي پنهنجي مقصدن لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿي؟، اٽارني جنرل صاحب! عدليه جي آزاديءَ جو معاملو آهي، گهڻو ٿيو، اوهان ويهي رهو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔