9 مئي کان پوءِ عمران خان ڇا چيو؟ فياض چوهان اجلاس جي اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف کان رستا ڌار ڪندڙ فياض الحسن چوهاڻ 9 مئي کان پوءِ ٿيندڙ پي ٽي آءِ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.

نجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي فياض الحسن چوهان هڪ دفعو ٻيهر عمران خان سان ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جي ڳالهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن عمران خان بابت 2 ڳالهيون غلط چوان ته مون کي ڦاهي ڏئي ڇڏيو. پهرين اها ته پهرين مئي کان 14 مئي تائين جيڪي معاملا ٿيا اهي سمجهه کان ٻاهر هئا.

عمران خان کان ڌار ٿيڻ جي فيصلي تي ڳالهيون ڪندي فياض چوهان چيو ته 9 مئي واقعي تي دماغ ڪم نه پئي ڪيو. اڄ تائين ان واقعي جا ڪلپ سامهون اچي رهيا آهن. 9 کان 14 مئي دوران مون هر ميڊيا چينل تي ڳالهين دوران عمران خان کي بچايو ۽ چيو ته ان واقعي سان عمران خان جو تعلق نه آهي پر جڏهن 12 مئي تي عمران خان ٻاهر آيو ته زوم ميٽنگ شروع ٿيندي ئي هن چيو ته ڪنهن کي به بچاءُ ناهي ڪرڻو، واپس ناهي وڃڻو، ڪنهن کي به 9 مئي واقعي تي معذرت ناهي ڪرڻي.

زوم ميٽنگ ۾ عمران خان پشاور ريجن جي صدر عاطف خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته سمورن اڳواڻن ۽ تيمور جهگڙا کي فوري طور تي ٽوئٽ ڪريو ته سڀاڻي اسان کي مولانا فضل الرحمان جي مدرسن ٻاهران احتجاج ڪرڻو آهي. سڀاڻي کان اوهان مظاهرن ۾ شرڪت ڪندو، اهو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ان ۾ ڪهڙي حڪمت عملي آهي. مون اجلاس دوران هٿ مٿي به ڪيو پر منهنجي ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي.

اڳوڻي پي ٽي آءِ ميمبر چيو ته ان وقت مون فيصلو ڪيو ته مان گرفتاري ڏئي ڇڏيندس پر هن خانه جنگي جو شڪار نه ٿيندس. ڳالهين دوران فياض چوهاڻ مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ ۾ شموليت جي ترديد ڪري ڇڏي. مولانا فضل الرحمان جي پارٽي ۾ شموليت جي سوال تي فياض چوهان هٿ ٻڌي ڇڏيا.

ڳالهين دوران فياض چوهان جهانگير ترين جي تعريف ڪندي چيو ته ٻڌي وٺو ته عمران خان سان ڌار ٿيڻ جي باوجود به عمران خان خلاف منهنجي ڪابه ايجنڊا ناهي مان انهن جي ڪردار ڪشي نه ڪندس. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جيڪڏهن نوازشريف جهڙي ڪرپٽ انسان کي ريليف ڏئي سگهجي ٿو ته عمران خان کي به اهڙو رليف ڏئي عمران خان ۽ سندس گهر واري کي پاڪستان کان ٻاهر اماڻيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔