توهين عدالت ڪيس: آءِ جي اسلام آباد پيش نه ٿيو، عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد: عدالتي حڪم باوجود شيرين مزاري جي گرفتاري تي توهين عدالت ۾ آءِ جي طرفان پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي آڏو ايڊووڪيٽ ايمان مزاري پنهنجي وڪيل زينب جنجوعه سان گڏ پيش ٿي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا آءِ جي ناهي پهتو؟ هي توهين عدالت جو ڪيس آهي آءِ جي کي هتي هجڻ گهرجي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته آءِ جي بينچ ون جي سامهون آهي، ڪجهه دير تائين اچي ويندو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب حيرت جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پهرين ڏينهن ٻڌائي ڇڏيو ها ته رياست جي سموري مشينري ڇو ايڪٽو آهي. اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو ها ته شيرين مزاري جي گرفتاري جو ايم پي او سان ڪو تعلق نه آهي. اهو به ٻڌائي ڇڏيو ها ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو ڪيسن سان ڪوبه تعلق نه هو.

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌايو ته عدالت کي ٻڌائي ڇڏيو ها ته اها سياست ٿي رهي آهي ان جو ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي. سموري رياستي مشينري سياست ۾ رڌل آهي. اسان کي اڳ ٻڌايو ها ته اسان ٻيو ڪو ڪيس ٻڌي وٺون ها. آءِ جي اسلام آباد ڊي سي پنڊي جي آرڊر کي هن عدالت جي آرڊر کان وڌيڪ ترجيح ڏني.

جنهن کان پوءِ عدالت آءِ جي اسلام آباد کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت  ۾ طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي. جنهن کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔