عمران خان جو 9 مئي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 9 ۽ 10 مئي جي واقعن جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آھي

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيل حامد خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته 9 ۽ 10 مئي تي اڻ وڻندڙ ​​واقعن لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، جڊيشل ڪميشن طئي ڪري ته واقعي جو ذميوار ڪير آهي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي ۽ فوجي عدالتن ۾ سولين جي ٽرائل کي به غير آئيني قرار ڏنو وڃي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته آرٽيڪل 245 جي بنياد تي پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ لاڳو ڪيل غير اعلانيل مارشل لا کي غير آئيني قرار ڏنو وڃي

درخواست ۾ چيو ويو ته عدالتي حڪمن باوجود ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي حراست ۾ وٺڻ غير قانوني آهي، تحريڪ انصاف خلاف پروپئگنڊا ڪري کيس دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو پيو وڃي

درخواست ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو مقصد چونڊن کان ڀڄڻ آهي، وفاقي ڪابينا آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون،  شهرين جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي

درخواست ۾ چيو ويو ته فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جو ٽرائل فيئر ٽرائل جي صريح خلاف ورزي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته هزارين سياسي ڪارڪنن کي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيو ويو هجي

درخواست ۾ چيو ويو ته فوج کي سياسي پارٽي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي

درخواست ۾ سڄي ملڪ ۾ شهيد، زخمي ۽ گرفتار ٿيل سياسي ڪارڪنن جا تفصيل به شامل ڪيا ويا آهن ۽ درخواست ۾ ڊان اخبار جو ايڊيٽوريل بھ شامل ڪيو ويو آھي

درخواست ۾ وفاقي حڪومت، نواز شريف، مريم نواز، آصف زرداري ۽ ٻين کي ڌر بھ بڻايو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔