گڏيل قومن موسم بابت خوفناڪ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

گڏيل قومن موسم بابت خوفناڪ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 5 سال رڪارڊ گرم ترين ٿي سگهن ٿا.

گڏيل قومن جي اداري ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن موجب ايل نينو ۽ گرين هائوس گيسن جو گڏيل اثر گرمي پد ۾ واڌ جو ڪارڻ بڻجندو ۽ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي ماحوليات بابت ان تنظيم اربع ڏينهن تنبيهه ڪئي ته ايندڙ 5 سالن جو دور رڪارڊ ترين گرم ٿيڻ جو امڪان آهي، ان ڳالهه جو 98 سيڪڙو امڪان آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ۽ مجموعي طور تي 5 سالن جو عرصو رڪارڊ طور تي سڀ کان وڌيڪ گرم هوندو.

ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن (ڊبليو ايم او) چيو آهي ته گرين هائوس گيسون ۽ قدرتي موسمياتي عمل، ايل نينو جو گڏيل اثر 2023 کان 2027 تائين گرمي پد ۾ واڌ جو سبب بڻجندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔