مشن امپاسيبل سيريز جي نئين فلم جو ٽريلر جاري

هالي ووڊ سيريز مشن امپاسيبل جي ايجنٽ ايٿن يعني ٽام ڪروز جي نئين فلم ڊيڊ ريڪوننگ پارٽ 1 ذريعي هڪ ڀيرو وري خطرناڪ ڪرتبن سان گڏ واپس اچي رهيو آهي، فلم جو ٽريلر به جاري ڪيو ويو آهي.

فلم جي پهرين پارٽ جي ٽريلر ۾ ڪجهه گھڻن خطرناڪ ڪرتبن کي شامل ڪيو ويو آهي پر ٽريلر ۾ فلم جي پلاٽ يا ڪهاڻي بابت ڪو به اشارو ناهي ڏنو ويو پر ايجنٽ ايٿن کي هن ڀيري هڪ اهڙي خطرناڪ هٿيار جي ڳولا ڪرڻي آهي جيڪو انسانيت کي تباهه ۽ برباد ڪري سگھي ٿو.

واضح رهي ته مشن امپاسيبل سيريز جي فلم ڊيد ريڪوننگ ڪيترن ئي ڏکين مرحلن ۽ رنڊڪن کي منهن ڏئي چڪي آهي، ان فلم جو اعلان 2019ع ۾ ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڪورونا وبا سبب فلم جي پراڊڪشن دير جو شڪار ٿي. ان کان پوءِ 2020ع ۾ ٽام ڪروز طرفان ڪريو دوران ميمبرن تي رڙيون ڪرڻ جي آڊيو ليڪ ٿي هئي، آخرڪار 2021ع ۾ فلم جي پراڊڪشن جو مرحلو مڪمل ٿيو هو.

اها فلم جولاءِ مهيني ۾ رليز ٿيندي، جڏهن ته ان جو ٻيون حصو 28 جون 2024ع ۾ رليز ڪيو ويندو۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔