سنڌ جي 9 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ گذريل ڏينهن 9 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن آءِ جي سنڌ کي خط لکي چيو آهي ته مڪاني چونڊن دوران پوليس آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون نه ٿيون ڪري سگهجن.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خط ۾ چيو آهي ته پوليس آفيسرز جون اهي مقرريون ۽ بدليون فوري طور رد ڪيون وڃن.
اليڪشن ڪميشن گهرو سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي به خط لکي ڇڏيا.
گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ جي منظوري سان 9 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔