واٽس ايپ کليل هوندو پر ”چيٽ“ لِڪي ويندي، ڪمال جو فيچر

واشنگٽن: پيغام رسائيندڙ سوشل ميڊيا ايپليڪيشن، واٽس ايپ جو نئون فيچر صارفين لاءِ انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ جو هاڻي انتهائي ذاتي نوعيت جي چيٽس کي غير ضروري ماڻهن جي پهچ کان محفوظ رکي سگهي ٿو.
ميٽا جي باني مارڪ زڪربرگ سومر جي ڏينهن فيسبوڪ اڪائونٽ تي واٽس ايپ جي نئين فيچر ” چيٽ لاڪ “ جو اعلان ڪيو.
ان ڏس ۾ واٽس ايپ جي بلاگ پوسٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته ” ڪمپني اوهان جي پيغامن کي نجي ۽ محفوظ رکڻ لاءِ نوان طريقا ڳولڻ جو جذبو رکي ٿي ۽ اڄ اسان صارفين لاءِ چيٽ لاڪ جو نئون ۽ شاندار فيچر متعارف ڪرائڻ لاءِ پُرجوش آهيون“.
ان فيچر جي تحت صارفين جي سموريون چيٽس محفوظ رهنديون، صارف جنهن چيٽ کي چاهي پاسورڊ لڳائي لاڪ ڪري سگهندو، جنهن تائين رڳو کيس ئي پهچ حاصل هوندي.
چيٽ لاڪ ڪرڻ جي صورت ۾ واٽس ايپ تي ئي هڪ الڳ فولڊر ٺهي ويندو جيئن پهريان” ارڪائيو چيٽ “ جو ٺهندو هو، صارفين پاران لاڪ ڪيل تمام چيٽس” چيٽ لاڪ فولڊر “ ۾ موجود هونديون، جڏهن ته لاڪ چيٽس جو نوٽيفڪيشن به موبائيل اسڪرين تي نظر نه ايندو.
ڪيئي دفعا ائين به ٿيندو آهي ته صارفين جي موبائيل گهرڀاتين يا دوستن وٽ هوندي آهي، ان صورت صارفين وٽ اهو آپشن موجود هوندو ته هو چيٽ لاڪ فولڊر مان لاڀ حاصل ڪندي مخصوص چيٽ لاڪ ڪري فون سندن حوالي ڪري سگهي ٿو.
ان کان سواءِ فيچر جي استعمال جي طريقڪار بابت واٽس ايپ طرفان يوٽيوب تي هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔