ملڪ ۾ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي:ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 2000 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 33 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1774 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 846 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 9 ڊالر گهٽجڻ سان 2006 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔