فوج خلاف نه ويندس: پي ٽي آءِ ايم اين اي محمود مولوي جو پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي ميمبر محمود مولوي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود مولوي چيو ته مان پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان

هن چيو ته خان صاحب مون کي ٽڪيٽ ڏني، پارٽي مون کي عزت ڏني، مان ڪڏهن به پنهنجي فوج خلاف نه ويندس، سياسي پارٽي ڇڏي سگهون ٿا، فوج کي تبديل نه ٿا ڪري سگهون

هن چيو ته مونکي 65 ۽ 71 جي جنگ چڱي طرح ياد آهي، جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيا، اهو پي ٽي آءِ ڪري ڏيکاريو، فوج کان سواءِ هي ملڪ نٿو هلي سگهي

محمود مولوي چيو ته جڏهن هو پي ٽي آءِ ۾ آيو ته واضح ٿي ويو ته اها مونجهاري واري پارٽي آهي، جيڪو واقعو ڏٺم ان تي ڏک ٿيو، فوج سان وڙهڻ جائز ناهي، فوج تي سوين شيون قربان ڪيون وڃن ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔