ناميارو تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويل نامياري تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي جو مڙهه گڏاپ جي ملا عرضي ڳوٺ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

 گل حسن ڪلمتي ڪيتري ئي  عرصي کان ڪينسر جي مرض  ۾ مبتلا هو، گل حسن ڪلمتي ڪراچي شهر ۽ ان جي مسئلن تي غير معمولي تحقيق ڪئي، هن ڪيترائي انمول ڪتاب به لکيا،  سندس تاريخي ڪتابن ۾ ڪلاچي، سنڌ جي مارئي، ڪراچي جا لافاني ڪردار ۽ ٻيا  ڪتاب شامل آهن

وڏي وزير مراد علي شاهه گل حسن ڪلمتي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي

وڏي وزير چيو ته گل حسن ڪلمتي کي ڪراچي جي تاريخ، شخصيتن، ندي نالن، قبيلن، قبرستانن ۽ پکين جي ڄاڻ تي عبور حاصل هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔