عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

عدالت مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي

 پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم، عمران خان خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل  ۽ اسٽيٽ ڪونسل هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا

وفاقي حڪومت طرفان عمران خان جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي

عدالت وفاقي حڪومت جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پاران ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔