ايل پي جي 4 روپيه في ڪلو مهانگي، اوگرا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ايل پي جي في ڪلو 4 روپيه 89 پئسا مهانگي ٿي وئي جنهن کان پوءِ في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 233 روپيه 99 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن جو اوگرا طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿي ويو. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 57 روپيه 70 پئسا مهانگو ڪيو ويو. اضافي کان پوءِ 11.8 ڪلو گرام جي ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 2759 روپيه 89 پئسا مقرر ٿي وئي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول جون قيمتون برقرار رکيون ويون هيون. جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾  لاٿ ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔