لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي

لاهور:لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.

پرويز الاهي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ اينٽي ڪرپشن پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو

پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته اينٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت هاءِ ڪورٽ مان منظور ٿي، روز جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن

عدالت چيو ته ڪو ٻيو نئون ڪيس داخل ٿيو آهي ته ان جي لاءِ حفاظتي ضمانت ٻيهر داخل ڪريو. عدالت پرويز الاهي جي حفاظتي ضمانت 15 مئي تائين منطور ڪندي ان کي لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي انت واري ڪيس ۾ به پرويز الاهي جي 2 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس هدايت ڪئي ته هڪ ڏينهن کان پوءِ ضمانت جي لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔