ڏکڻ پنجاب جون اهم شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شامل

لاهور؛اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول سان ملاقات بعد ڏکڻ پنجاب جون اهم سياسي شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويون آهن

بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڏکڻ پنجاب جي سياسي شخصيتن مظفر ڳڙهه جي سيد هارون احمد ۽ خانيوال جي سيد جميل شاهه ملاقات ڪئي جنهن بعد ٻنهي اهم سياسي شخصيتن نواز ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو

مظفر ڳڙهه ۾ ق ليگ جو ٽڪيٽ هولڊر ملڪ فيض احمد کَکُ ۽ بهاول نگر ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ٽڪيٽ هولڊر راڻا انتظار احمد به پ پ ۾ شامل ٿي ويا آهن جڏهن ته پاڪستان ڪسان اتحاد جي صدر ميان عامر وٽو ۽ خانيوال ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مسعود مجيد ڊاها به پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

آصف زراري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙن کي واڌايون ڏنيون، ملاقاتن  ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔