اسپيڪر آفيس سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي قومي اسيمبلي ڪارروائي جو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسپيڪر آفيس سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي قومي اسيمبلي ڪارروائي جو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان اسپيڪر جي خط تي قومي اسيمبلي اجلاس جي ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو هو پر رجسٽرار آفيس جي زباني حڪمن تي اسپيڪر آفيس لاڳاپيل رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس طرفان قومي اسيمبلي جي 5 اجلاسن جي ڪارروائي جو رڪارڊ لکت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. هوڏانهن رجسٽرار آفيس اسپيڪر آفيس کان  قائمه ڪميٽي فنانس اجلاس جو رڪارڊ به گهري ورتو.

رجسٽرار آفيس طرفان 6، 10، 17، 26 ۽ 27 اپريل جو قومي اسيمبلي ڪارروائي جو رڪارڊ اسپيڪر آفيس کان طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپيڪر آفيس طرفان اڃان تائين لاڳاپيل رڪارڊ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي ناهي ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔