لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس: عمران خان 30 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت طلب

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 30 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه واي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پوليس طرفان عدالت کي نوٽيس جي تعميل بابت آگاهه ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس جي تعميل قانون موجب ناهي ٿي سگهي جنهن کان پوءِ عدالت نقول ڏيڻ جي لاءِ عمران خان کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سول جج مبشر حسن چشتي عمران خان کي 30 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔