ملڪ ۾ اڄ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ ڪجهه ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي سامهون آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 100 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 2 لک 18 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 86 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 87 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 17 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1984 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔