اڄ ڳالهيون ختم يا جاري رکڻ جو فيصلو ڪنداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت سان جاري ڳالهين تي سوال اٿاري ڇڏيو.

فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته هڪ طرف ڳالهيون ته ٻئي طرف گرفتاريون؟ چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي مان ثابت ٿئي ٿو ته اسحاق ڊار، سعد رفيق ۽ اعظم نذير تارڙ جي پنهنجي حڪومت ۾ ڪابه حيثيت نه آهي. اسان هن ڇاپي جي مذمت ڪريون ٿا.

فواد چوڌري چيو ته پرويز الاهي جي گهر تي حملو، علي امين گنڊاپور کي ضمانت ملڻ باوجود حبس بيجا ۾ رکڻ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڳالهين جي عمل کي بي معنيٰ بنائي رهيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومتي ڳالهين جي ٽيم يقين ڏيارڻ جي باوجود ماحول بهتر رکڻ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي ته وڏا فيصلا ڪيئن ڪندي؟ عمران خان جي صدارت ۾ اڄ اجلاس ۾ ڳالهيون جاري رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔