پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جي ميچ اڄ کيڏي ويندي

راولپنڊي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز جو ٻيون ون ڊي انٽرنيشنل ميچ اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. پنج ميچز جي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم کي 0-1 جي برتري حاصل آهي پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي آساني سان 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. راولپنڊي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي جي شروعايت ۾ نيوزيلينڊ طرفان بهترين بيٽنگ ڪئي وئي. ول ينگ 86 رنسون ٺاهيون، ڊيرل مچل به هڪ سئو رنسون مڪمل ڪيون پر  ان باوجود پاڪستاني بالرز طرفان سٺي بالنگ جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ نيوزيلينڊ کي 7 وڪيٽن تي 288 رنسن تائين محدود ڪيو ويو. جواب ۾ فخرالزمان ۽ امام الحق 124 رنسن جي اوپننگ پارنٽرشپ قائم ڪري پاڪستان جي لاءِ ميچ کٽڻ آسان بڻائي ڇڏيو. امام الحق 60 رنسون ٺاهيون. فخرالزمان 100 رنسون مڪمل ڪيون. بابر اعظم 49 ۽ پوءِ رضوان 42 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان فتح ڏياري ڇڏي. سيريز جو ٻيون ميچ اڄ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن ميچ جي تياري بجاءِ آرام کي ترجيح ڏني. ميچ پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو ساڍي 3 وڳي شروع ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔