لاهور: تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي پنهنجي گهر ۾ پوليس آپريشن خلاف عدالت سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو.
پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي وڪيل اڄ ئي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪندو. ان حوالي سان ايڊووڪيٽ عامر سعيد چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت جي باوجود گرفتاري جي ڪوشش توهين عدالت آهي. چادر ۽ چارديواوري جو تقدس پامال ڪرڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي ويندي.
عامر سعيد چيو ته داخل ڪيل درخواست ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير، اينٽي ڪرپشن ۽ پوليس کي ڌر بنايو ويندو.