عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي

اسلام آباد: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪنهن ڪارروائي جي 4 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.

عون چوڌري جو بيان قلمبند ڪرائڻ جي درخواست تي محفوظ ٿيل فيصلو ملتوي ڪيو ويو، سينئر سول جج نصرمن الله جي موڪل تي هجڻ سبب اڄ فيصلو نه ٻڌايو ويو.

عون چوڌري کي بيان قلمبند ڪرائڻ جي اجازت ملندي يا نه؟ عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته فيصلو 4 مئي تي ٿيندو. سينئر سول جج نصرمن الله بلوچ 2 مئي تائين موڪل تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔