پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻي درخواست داخل

اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ٻئي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. راءِ اشتياق نالي شهري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مقرر آئيني مدي ۾ چونڊون ناهن ڪرايون ويون ان لاءِ ٻئي صوبائي اسيمبليون بحال ڪيون وڃن.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين ۾ ڏنل مدي دوران ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ناهن ڪرايون ويون. سپريم ڪورٽ جي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي تي به عمل ناهي ڪيو ويو

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نگران حڪومتن جو وڌيڪ برقرار رهڻ آئين جي ڀڃڪڙي هوندي. استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اسيمبلين کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

درخواست ۾ وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ دفاع واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو. نگران وڏي وزير ۽ ٻنهي صوبن جي گورنر کي به ڌر ۾ شامل ڪيو ويو. شهري درخواست ۾ ناڻي ۽ گهرو وزارت کي به ڌر بڻايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔