چونڊون گڏ ٿينديون يا ڌار، فيصلو پارليامينٽ ڪندي، اتحادي پارٽين جو اتفاق

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ چونڊن بابت فيصلو پارليامينٽ ڪندي.

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو، ميان افتخار، خالد مقبول صديقي، آفتاب شير پائو، خالد مگسي، آغا حسن بلوچ، چوڌري سالڪ حسين، طارق بشير چيمه، ساجد مير، حافظ عبدالڪريم، مريم اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ، راڻا ثناءُالله، قمرالزمان ڪائره، اياز صادق ۽ اسحاق ڊار سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته چونڊون گڏ ٿينديون يا ڌار ۽ ڪڏهن ٿينديون ان جي باري ۾ فيصلو پارليامينٽ ڪندي.

اتحادي پارٽين فيصلو ڪيو ته تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي ڪوشش ڪنداسين پر ڪنهن جي ضد، انا ۽ خواهشن موجب فيصلو نٿو ٿي سگهي جڏهن ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي لاءِ پارليامينٽري ڪميٽي جو فورم استعمال ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ چونڊن جي لاءِ فنڊز جاري ڪرڻ جي حوالي سان پارليامينٽ پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي ۽ پارليامينٽ جو فيصلو اهم آهي، سڀني کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔