وزيراعظم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي عهدن تان هٽائڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي عهدن تان هٽائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.

ظهور مهدي فيصل نالي شهري طرفان عدالت سڳوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف داخل درخواست ۾ وفاق، شهباز شريف، سڪندر سلطان راجا، صدر عارف علوي ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف چونڊ فنڊز جاري ڪرڻ جو بل رد ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي. سڪندر سلطان راجا جو چونڊن جي لاءِ فنڊز ۽ سيڪيورٽي جي گهرج غير مناسب آهي.

سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته قرار ڏنو وڃي ته شهباز شريف ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر چونڊن جي معاملي تي پارٽي بڻجي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ نگران وزيراعظم ۽ نگران چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو حڪم ڏئي. عدالت 21 ارب جاري ڪرڻ، فوج ۽ رينجرز کان سواءِ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔