پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان اڳ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ سان ڳالهين کان اڳ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ ٻنپهرن جو ساڍي 12 وڳي طلب ڪري ورتو، اتحادي پارٽين جي اجلاس کان پوءِ ڏينهن جو اڍائي وڳي ڪابينه جو اجلاس به ٿيندو.

وزيراعظم اتحادي اڳواڻن کي عيد ملن پارٽي به ڏيندو. اجلاس ۾ ملڪي صورتحال خاص طور تي آئيني صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿيندي. ان کان علاوه پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ تي به غور ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هر صورت ۾ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون چاهيون ٿا.

حڪمران اتحاد جي ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پي ٽي آءِ سان معاملا طئي ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ڪجهه اتحادي پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي اعتراض ڪري رهيا آهن.

جمعي تي(ن) ليگ جي اڳواڻ اياز صادق پي ٽي آءِ جي اسد قيصر سان رابطو ڪري اربع تي ملاقات تي اتفاق ڪيو هو پر عمران خان چيو آهي ته هن ڳالهين جو مينڊيٽ اسد قيصر کي نه پر شاهه محمود قريشي کي ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔