گيس صارفين تي وڌيڪ بار، ميٽر جو ماهوار ڪرايو وڌايو ويو

ڪراچي: سوئي نادردن گيس ميٽر جو ماهوار ڪرايو 40 روپين مان وڌائي 500 روپيه ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ماهوار چارجز جنوري 2023 کان لاڳو ٿيندا. صارفين کي 3 مهينن جي بقاياجات ميٽر رينٽ ۽ گيس ٽيرف جي مد ۾ اضافي پئسا ڏيڻا پوندا. 

سوئي نادردن گيس جي ترجمان چيو آهي ته اهو اوگرا جو فيصلو آهي جيڪو لاڳو ڪيو ويو آهي. نومبر ڊسمبر ۾ 0.9 ڪيوبڪ بيڪٽر کان گهٽ گيس بل وارن تي ميٽر رينٽ لاڳو نه هوندو.

ترجمان موجب گهٽ گيس استعمال ڪندڙ صارفين ميٽر رينٽ کان آجا هوندا. اوگرا گيس ٽيرف پاڪستان جي حڪومت کان منظوري کان پوءِ لاڳو ڪندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔