چونڊن کان ڊنل ماڻهو مون کي قيد نه قتل ڪرڻ چاهين ٿا: عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي خبر پئي آهي ته عيد تي زمان پارڪ ۾ ٻيهر آپريشن ڪيو ويندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي دوران پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اوهان  آپريشن کان روڪيو هو پر ان باوجود پوليس گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، مون کي اطلاع ملي آهي ته عيد تي زمان پارڪ ۾ ٻيهر آپريشن ٿيندو، مون کي ڊپ آهي ته اتي رتوڇاڻ ٿيندي.

عمران خان عدالت کان پوليس آپريشن روڪڻ جي استدعا ڪندي چيو ته هي چونڊن کان ڊنل آهن هي مون کي صرف جيل ۾ نٿا وجهڻ چاهين  پر هاڻ هي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا اڳ به مون تي حملو ڪيو ويو جنهن مان مون کي رب پاڪ بچائي ورتو.

عمران خان چيو ته علي زيدي کي به ساڳئي طريقي سان گرفتار ڪيو ويو، هنن عيد جي موڪلن دوران آپريشن جو پلان ڪيو آهي عدالت کان استدعا آهي ته آپريشن کان روڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔